درگاهه پير ذاڪري

درگاهه پير ذاڪري

پير ذاڪري

پير ذاڪري (ڳوٺ ):هيءُ ڳوٺ ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي بينظير آباد) جي شهر سڪرنڊ لڳ، اتر طرف مين روڊ تي واقع آهي. هي ڳوٺ اصل ۾ ’زميندار محمد حسن چوهاڻ‘ جي نالي سان قائم هو، پر مُني صديءَ اڳ بزرگ سيد محمد شاهه جيلاني ذاڪريءَ، محمد حسن چوهاڻ جي زور ڀرڻ تي هن ڳوٺ ۾ ’درگاهه ذاڪريءَ‘ جو بنياد اچي رکيو ۽ پوءِ سندس ئي نالي سان هيءُ ڳوٺ ’پير ذاڪري‘ طور مشهور ٿي ويو. هن ڳوٺ ۾ عاليشان جامع مسجد، سيد محمد شاهه ذاڪريءَ جو روضو، ديني مدرسو، ڪتب خانو، پرائمري اسڪول قائم آهن. درگاهه جو گادي نشين سندس فرزند پير احمد شاهه ذاڪري (سهڻو سائين) سال 2000ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کان پوءِ موجوده سجاده نشين منير حسين شاهه به هتي ذڪر فڪر جو سلسلو جاري رکيو اچي. هن ئي نالي پير ’ذاڪري- II‘ سان کڏهر- سڪرنڊ روڊ تي سيد محمد شاهه جي خليفي، پير علي اڪبر شاهه باقيل پوٽي قائم ڪئي، ان ڪري اصل درگاهه پير ذاڪريءَ کي پير ذاڪري- I به سڏيو ويندو آهي.


لفظ پير ذاڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو